جنگ ۽ تڪرار دوران عالمي امن

جنگ ۽ تڪرار دوران عالمي امن



سينٽر فار پيس سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز(سي پي ايس ڊي) پاران” جنگ ۽ تڪرار دوران عالمي امن “ جي عنوان سان ٻن ڏينهن وارو عالمي سيمينار 17 سيپٽمبر کان 18 سيپٽمبر تائين اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ چين، ڀارت، روس ، آمريڪا ، ترڪي ۽ ميزبان پاڪستان سميت 7 ملڪن جي نامور دانشورن خطاب ڪيو.

سيمينار جي مهمان خاص چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف جنرل زبير حيات خطاب ڪندي گڏيل مسئلا حل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته امن انسانيت جي برابريءَ لاءِ هجڻ گهرجي ۽ امن امان جي صورتحال جي ڳولها ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنرل زبير حيات پرامن وسيلن سان گڏ امن جي ڳولها ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جنرل زبير حيات سي پي ايس ڊي پاران ٻن ڏينهن جو عالمي سيمينار منعقد ڪرڻ تي اداري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سي پي ايس ڊي پنهنجي پليٽ فارم تي ڏيهي توڙي پرڏيهي اسڪالرن کي گڏ ڪري سٺو قدم کنيو آهي.

سينيٽر شيري رحمان ”پاڪستان ڪمينٽمينٽ فار اچيونگ سسٽين ايبل پيس“ جي عنوان تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پنهنجي سيڙپڪاري محفوظ ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي پر ان کي مسئلا حل ڪرڻ ۾ به دلچسپي هجڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان جي ڪري پاڪستان ۾ نوان سڪيورٽي چيلينجز درپيش آهن، اسان کي ٻيهرسوچي سمجهي پاليسيون ٺاهڻ گهرجن.

سي پي ايس ڊي صدر ريٽائرڊ جنرل آغا محمد عمر فاروق ويلڪم خطاب ۾ ڪانفرنس جي مقصد تي روشني وڌي، هن تجزيو ڪندي چيو ته اڀرندڙ دنيا جو آرڊر ۽ بعد ۾ اڀرنڊ چين جي تبديل ٿيندڙ حڪمت عملي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ هندي سمنڊ جي وچ ۾ لاڳاپا وڌڻ لاءِ هوندي. عمر چيو ته جديد جاگرافيائي ماحول نوان اتحاد ۽ موقعا فراهم ڪيا آهن پر ان سان گڏ نون چيلينجز کي پڻ پيدا ڪيو آهي..

مسٽر ساهنوي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن ڳالهين جو مناسب وقت آهي. ڇاڪاڻ ته پرڏيهي پاليسي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ آرمي هڪ ئي پيج تي آهن. جڏهن ته ڊاڪٽر وينبيم چيو ته افعانستان ۾ فيصلائتي فوجي فتح ناقابل آهي ۽ ان ۾ تڪراري ڌرين کي لازمي اهميت جو بنياد بڻائڻ گهرجي. افغانستان ۾ آئيني جمهوري ۽ اسلامي عمارت وچ ۾ چونڊ ناقابل اعتماد آهي جڏهن ته تجارت ۽ توانائي جو ڳانڍاپوکيس خطي سان جوڙي سگهي ٿو. سفير جهانگير اسد قاضي چيو ته چين جون علائقائي سهڪار لاءِ ڪوششون ڪامياب ٿي سگهنديون

چين هڪ وڏي طاقت سان اڀريو آهي. چين کي خطي ۾ خاص طور تي ڀارت سان امن رکڻ جي ضرورت آهي. ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر سلمان شاهه “ ٽرانسفرمنگ سوشو_اڪنامڪ آرڊر“ جي موضوع تي ڳالهيو، ڊاڪٽر سلمان شاهه چيو ته هو هن خطي کي علائقائي تڪرار جي نظر سان ناهي ڏسندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا صرف چين سان سٺا لاڳاپا ناهن پر آمريڪا ۽ دنياجي ٻين ملڪن سان به سٺا لاڳاپا آهن. ڊاڪٽر سلمان شاهه وڌيڪ چيو ته اها معيشيت آهي جيڪا سياست کي هلائي ٿي۽ سياست کي پاڻ معيشيت ۾ ايڊجسٽ ٿيڻو پوندو آهي. وڏي مصوبي جي حيثيت سان (بي آر آءِ) عوام، خطي ۽ يورشياکي پاڻ ۾ جوڙي ٿو.

سفير قاضي زور ڏنو ته اسان کي غيرفعال رياست کان فعال رياست ڏانهن وڌڻو پوندو. تنهڪري سي پيڪ ۽ بي آر آءِ جي سونهري موقعن سان پاڪستان ۾تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

وفاقي گهرو وزير شهريار خان ڪانفرس جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته زمين هڪ عالمي گهر آهي، تڪراري نظام سڀني جي گڏيل ذميواري بڻجي ويو آهي. گهرو وزير امن ۽ هم آهنگي لاءِ عام بيانيو تيار ڪرڻ تي زور ڏنو. شهريار آفريدي چيو ته اسان کي مسئلن جي نشادهي ڪري مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت آهي. هن چيو ته اسان ذميوار انسان آهيون ۽ اها ذميواري قبول ڪيون ٿا

دنيا جي نون سماجي ثقافتي حڪمن جي باري ۾ ايران جي علامه تاباتبي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر مينڊانا تشهيار ڳالهائيندي چيو ته عالمن ۽ صوفين ماڻهن کي ويجهو آڻڻ ۽ هڪ بهتر حڪمراني جو نظام متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صوفي ازم خطي جو مستقبل طئي ڪرڻ وارو آهي. هن اها اڳڪٿي نسلي، سماجي ، ثقافتي ۽ فرقيواريت سبب پيدا ٿيل تڪرارن جي باري ۾ ڳالهائيندي ڪئي. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي پيس اينڊ ڪنفلڪٽ شعبي جي ايسوسئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر ترگل يامن چيو ته سائبر ڪرائيم ۽ سائبر خطرن کي سنجيدگي سان نٿو ورتو وڃي جيئن انهن کي وٺڻ گهرجي. ڀارت جا پاڙيسري ملڪن سواءِ ٻين ملڪن سان سائبر سڪيورٽي معاهدا ٿيل آهن.

سي پي ايس ڊي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله داداڀائي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ خاص مهانن جو شڪريو ادا ڪيو. ڪانفرنس جي رپورٽ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي پي سي ايس شعبي جي چيئرپرسين ڊاڪٽر ارشي سليم هاشمي پيش ڪئي.