“ڪراچي عروس البلاد - ” ڪراچي ۾ پاڻي جو انتظامي بحران

“ڪراچي عروس البلاد - ” ڪراچي ۾ پاڻي جو انتظامي بحران



سينٽر فار پيس، سڪيورٽي اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز سي پي ايس ڊي پاران ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران جي حوالي سان گول ميز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. اها ڪراچي جي مسئلن جي حوالي سان ٿيندڙ سيريز جي پهرين گول ميز ڪانفرنس هئي.

ڪانفرنس دوران پاڻي جي حوالي سان هڪ پريزينٽيشن پيش ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ستاره امتياز حاصل ڪندڙ وجاهت صديقي جي صدارت ۾ ڪانفرنس جي شروعات ڪئي وئي. جنهن ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ پروفيسرن، ماهرن ۽ پاليسي جوڙيندڙ شرڪت ڪئي

پروگرام جو آغاز قرآن جي تلاوت سان ٿيو، جنهن کانپوءِ سي پي ايس ڊي جي بورڊ آف گورنر جي ميمبر شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو. هن ڪراچي جي پاڪستان جي اهميت تي ڳالهائيندي چيو ته شهر جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي فراهمي آهي. هن اميد ظاهر ڪندي چيو ته پاڻي جي مسئلي جي حوالي سان بهتر ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ آخر ۾ ان مسئلي جي لاءِ بهتر حل پڻ پيش ڪيا ويندا.

ڪانفرنس جي صدارت ڪندڙ وجاهت صديق پاڻي تڪرار جي شروعات بابت ٻڌائيندي چيو ته پاڻي ملڪ جو اهم مسئلو آهي. سنڌ طاس معاهدي تي ڪم نه ٿيڻ ۽ پاڻي جي معاملي ۾ صوبن وچ ۾ هڪٻئي تي ڀروسو نه ڪرڻ بحران جو سبب آهي. سندس چوڻ هو ته ان جو حل موجود آهي رڳو ان کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر بشير لاکاني ڪراچي ۾ پاڻي بحران شهر جي ڊيموگرافي ۽ ان جي حل بابت بابت پريزينٽيشن پيش ڪئي.سندس چوڻ هو ته ملڪي آبادي لاءِ پيئڻ توڙي ٻين ضرورتن لاءِ پاڻي موجود آهي، پر اصل مسئلو زراعت ۽ صنعت جي پاڻي فراهمي جو آهي. پاڻي جي منصفاڻي ورڇ، سار سنڀال، پاڻي اسٽوريج سميت جَر واري پاڻي جي حفاظت ۽ انهن بابت قانون سازي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

حسار فائونڊيشن جي ظوهير عاشير ڪراچي ۾ مستقبل ۾ پاڻي بچاءَ ۽ ان بابت تخليقي انداز ۾ سوچڻ بابت ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي حوالي سان تجربيڪار پروفيشنل ٺاهڻ جي ضرورت آهي، جيڪي مستقل طور پاڻي جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا رهن. سندس چوڻ هو ته مستقبل اونداهو هجڻ باوجود پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ۾پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. انڪري پاڻي بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته پاڻي جي بحران کي منهن ڏئي سگهجي.

سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل شهاب اوستو پاڪستان ۾ مجموعي طور پاڻي بحران تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڻي کوٽ ۽ پاڻي سڪيورٽي تي ڳالهايو. سندس چوڻ هو ته پاڻي بحران جا سبب سياسي تڪرار، پاڻي جي سار سنڀال نه ٿيڻ، صوبن وچ ۾ پاڻي تڪرار سان گڏ ماحوليات سان ڳنڊيل آهي.

آخر ۾ ڪانفرنس ۾پاڻي جي حوالي سان بهترين بحث مباحثو ٿيو جنهن ۾ هنن پاڻي ضرورت ۽ رسد کي بهتر ڪرڻ تي زور ڏنو. جڏهن ته ڪانفرنس جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن کي افطار پڻ ڪرايو ويو.